شاهپور ماڳ

شاهپور ماڳ

شاهپور ماڳ

شاهپور I Shahpur (ماڳ): شاهپور جو ڳوٺ هندستان جي جند ضلعي (پنجاب) ۾آهي. هي ماڳ جند شهر کان 10 ڪلو ميٽر اتر ۾ آهي. شاهپور جو دڙو ڳوٺ کان ڏيڍ ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي موجود آهي. دنکاري- شاهپور روڊ هن ماڳ جي وچان نڪري ٿو. سڄي جو سڄو ماڳ زرعي والار هيٺ اچي ويو آهي. پر وچ تي ڪجهه حصو نموني طور رهايو ويو آهي، دڙي جي هن وقت اوچائي 0.5 ميٽر آهي، جڏهن ته دڙو 3 هيڪٽرن جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي. هتي ٻن دورن جون وٿون ملن ٿيون. ٺڪراٺو اوائلي هڙاپائي ۽ پوئين هڙاپائي دور جو موجود آهي، اوائلي سنڌو تهذيب واري ٺڪر ۾ هڪ وڏي ٿانوَ جو ٺڪر مليو، جنهن تي ڪارا وڏا پٽا نڪتل آهن. پوئين هڙاپائي دور جي ٺڪراٺي ۾ ڪن ٿانون جا ڪَنا، ڪولا، ڪجهه مڻيا وغيره ملن ٿا. هتي سنڌو تهذيب جا ٻه دور اوائلي تهذيب '>سنڌو تهذيب (Early Indus Period) ۽ پوئين تهذيب '>سنڌو تهذيب (Late Indus Period) جون وٿون ملن ٿيون. هن ماڳ جي کوٽائي ٿيل ڪانه آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو